رايا ييگورووا

رايا ييگورووا

رايا ييگورووا

رايا ييگورووا

رايا ييگورووا

رايا ييگورووا (R. P. Yegorova): نامور روسي لسانياتي ماهر رايا ييگورووا (R. P. Yegorova) جو اصل ۾ روسي نالو Raisa Petrovna Egorova آهي. هن جو تعلق روس جي شهر ماسڪو سان آهي. هن ويهين صديءَ ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ تي ڪافي کوجنا ڪئي آهي. هن سنڌيءَ جي صرف نحو، عدد، جنس، حالت، صفت ۽ فعل بابت خوب روشني وڌي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ کي روس ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ روشناس ڪرايو آهي. ماسڪو جي اڪيڊمي آف سائنسز جي ’انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز‘ ۾ ايشيائي ۽ آفريڪي ٻولين تي تحقيق ڪري جامع ڪتاب شايع ڪرڻ جي هڪ رٿا 1959ع ۾ جوڙي وئي، جنهن هيٺ سنڌي ٻوليءَ تي هڪ جامع ڪتاب لکڻ لاءِ آر. پي. ييگورووا کي ذميواري سونپي وئي. هن ماسڪو ۾ رهڻ دوران سنڌي سکڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن لاءِ هن سنڌ جي عالمن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ مونجھارن بابت خط لکيا. سنڌ جي عالمن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن کيس خط لکي سنڌي ٻوليءَ بابت معلومات ڏني. اهڙيءَ ريت وڏيءَ محنت ۽ جفاڪشيءَ سان آر. پي. ييگورووا The Sindhi Language نالي ڪتاب روسي ٻوليءَ ۾ لکيو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ايڇ. اي. زيپان (E. H. Tsipan) ترجمو ڪيو ۽ اهو ڪتاب 1971ع ۾ ماسڪو ۾ ڇپيو. مس ييگورووا نه رڳو سنڌي ٻوليءَ بابت ڪتاب لکيو، پر روسيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ٻيا به ڪيترا مضمون ۽ ڪتاب لکيا. انهن ۾ هيٺيان شامل آهن:
1. Form Passive, V Sindhi (Passive From in Sindhi) Short Information of Institute of Peoples of Asia, Mascow (1964).
2. Pronominal Enclitics for Verb in Sindhi (in Passion Indo-Iranian Philozy, Moscow, 1964)
3. Verbal System in Modern Literary Sindhi (in Russian) Dissertation, Institute of Peoples at Asia (Moscow, 1966).
4. The Sindhi Language, Translated from the Russian by E. H. Tsipan, Publishing House Moscow, 1971.
ر. پ. ييگورووا، سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق دوران نامور محقق پير حسام الدين راشديءَ سان ڪافي خط و ڪتابت ڪئي. پير صاحب جڏهن روس جي دوري تي ويو ته ساڻس ملاقاتون به ڪيائين، جن جو ذڪر پير حسام الدين راشديءَ، ماهوار نئين زندگيءَ جي اپريل 1965ع جي شماري ۾ ڪيو آهي. ر. پ. ييگورووا جي سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق تاريخي حيثيت رکي ٿي، جنهنڪري سنڌي ٻولي، يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ روشناس ٿي آهي.


لفظ رايا ييگوروواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو